ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز برسات جو امڪان

news

ڪراچي: ( جمعو 16 آگسٽ 2019ع) ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ  ۽ سڀاڻي طوفان ۽ کِنوڻ سان گڏ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب چوماسي جي نئين اسپيل جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هڪ دفعو ٻيهر تيز برسات پئجي سگهي ٿي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز برسات جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ تازو طوفاني برساتن جا اثر ۽ قرباني جي جانورن جون اوجهڙيون اڃان تائين صاف نه ٿيڻ سبب شهري سخت پريشانين ۽ تڪليفن ۾ ورتل آهن.

ان کان علاوه مالاڪنڊ، هزارا، ڪوهاٽ، پشاور، لاهور، گوجرانوالا، راولپنڊي، فيصل آباد، ساهيوال، بهاولپور، قلات، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ تيز هوائن ۽ کِنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ اڄ صبح جو هلڪي برسات پئي ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو.