ڪراچي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب چار ڄڻا زخمي

news

ڪراچي: (جمعو 16 آگسٽ 2019ع) ڪراچي جي علائقي اولڊ سٽي ايريا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي اولڊ سٽي ايريا ۾ گهانچي پاڙي ۾ فليٽ جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ فليٽ جو مالڪ غلام حسين ان جي زال زبيده، ڌيءَ صدف ۽ پٽ  عمير شامل آهن.

علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته فليٽ جي عمارت 100 سالن کان وڌيڪ پراڻي آهي ۽ تازي برساتن سبب وڌيڪ زبون حال ٿي وئي.

ڪجهه عرصو اڳ جڳهه جي بالڪوني به ڪري پئي هئي پر خوش قسمتي سبب جاني نقصان نه ٿيو هو. حادثي کان پوءِ پاڙي وارن پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين کي ملبي مان ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو.