ڪوئٽه ۾ ڪانگو وائرس ۾ مبتلا عورت فوت

news

ڪوئٽه: (جمعو 16 آگسٽ 2019ع) ڪوئٽه ۾ ڪانگو وائرس جي متاثر عورت فوت ٿي وئي. 

رپورٽ موجب هلندڙ سال ڪانگو وائرس سبب فوتگي جو ٻيون ڪيس فاطمه جناح اسپتال ڪوئٽه ۾ پيش آيو جتي 2 ڏينهن اڳ عورت کي سرياب مان ڪانگو وائرس جي شڪ سبب آندو ويو هو.

اسپتال انتظاميه موجب عورت جي طبيعت سڌري نه سگهي جنهن سبب هو موت جو شڪار ٿي وئي.

ان کان اڳ هلندڙ سال جو پهريون ڪيس ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ سامهون آيو هو جتي 35 ساله عورت تعظيم فيضان ڪانگو وائرس  سبب فوت ٿي وئي هئي.