ڪوئٽه جي جامع مسجد ۾ بم ڌماڪي سبب چار ڄڻا شهيد، ٻارنهن زخمي

news

ڪوئٽهۡ: (جمعو 16 آگسٽ 2019ع) ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي ڪچلاڪ ۾ مسجد ۾ بم ڌماڪي سبب 4 ڄڻا شهيد ۽ 12 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ڪچلاڪ جي علائقي ڪلي وزير آباد جي جامع مسجد قاسم ۾ جمعي جي نماز وقت بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ 4 ڄڻا شهيد ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن.

سيڪيورٽي فورس واقعي واري جڳهه کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ امدادي رضاڪارن طرفان امدادي سرگرميون جاري آهن. مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي خيز مواد مسجد ۾ ممبر جي هيٺيان رکيو ويو هو پر ان  حوالي سان پوليس اختيارين اڃان ڪابه تصديق ناهي ڪئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي رپورٽ موجب ڌماڪو مسجد ۾ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي ڪچلاڪ جي ٻن اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي سخت زخمين کي طبي امداد ڏئي ڪوئٽه روانو ڪيو پيو وڃي.

ڌماڪي وقت مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا پئي ڪئي وئي ۽ تقريبن 200 نمازي موجود هئا.