ڏوڪري ۾ استادن ۽ شاگردن پاران ڀارت خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڏوڪري: جمعو 16 آگسٽ 2019ع:گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۾ ڪشميرين جي حق ۾ انڊيا خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي بينر کڻي ڪشمير بني گا پاڪستان انڊيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڊگري ڪاليج جو پرنسپال الطاف حسين ابڙو، پروفيسر سراج احمد سوهو، پروفيسر سائين بخش قبولاڻي، پروفيسر منظور رونگهو، پروفيسر گلاب سومرو، پروفيسر محمد آريجو ۽ ٻين احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشميرين مٿان انڊيا ظلم ڪري رهي آهي.

انڊيا ڪشمير ۾ ٻارڙن عورتن مٿان تشدد ڪري رهي آهي، جنهن تي عالمي برادري اقوام متحده خاموش آهي.

هنن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ رهندو ان لاءِ اسان کي به قرباني ڏڻي پئي ته ڏينداسين. آخر ۾ انڊيا مودي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.01