نئون ديرو ۾ پيپلزپارٽي پاران فريال ٽالپر کي اسپتال مان جيل اماڻڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

نئون ديرو: جمعو 16 آگسٽ 2019ع:پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي گرفتاري ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر جي طبيعت خراب هئڻ باوجود اڌ رات جو اسپتال مان زبردستي جيل اماڻڻ خلاف پيپلز پارٽي سراپا احتجاج بڻيل. ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي نئون ديرو طرفان صدر سيد ارشد راشدي، ميونسپل چيئرمين الله ڏنو ڀٽو، مهراڻ خان ناريجو، منصور سومرو توفيق ڀٽو، ظهير ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي آفيس کان جيالن پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هٿن ۾ پارٽي جهنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

“انتقامي ڪاروائي نامنظور، پيپلز پارٽيءَ سان زيادتيون بند ڪيو، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي آزاد ڪريو” جا زوردار نعرا هڻندي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندا الله واري چوڪ تي پهچي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري رتوديرو ۽ لاڙڪاڻي ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون.

ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ ڪيس ۽ جيل نئين ڳالهه ناهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام سان ڪيل ظلم ۽ زيادتين خلاف آواز اٿارڻ تي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت مٿان ڪوڙا ۽ من گهڙت ڪيس ٺاهي ڊيڄارڻ چاهي ٿي جيڪا سندن ڀل آهي.

طاقت جو سر چشمو عوام آهي. پيپلز پارٽي سدائين عوام سان گڏ رهي آهي ۽ هميشه رهندي. نيازي حڪومت کي رڳو انتقام ئي وٺڻو آهي جنهن لاءِ هنن پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ ايم پي اي فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

فريال ٽالپر جي طبيعت صحيح نه هجڻ ڪري کيس اسپتال داخل ڪيو ويو هو، پر ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ باوجود نيب پوليس جي مدد سان اڌ رات جو کيس اسپتال مان کنڀي جيل بند ڪري ڇڏيو آهي جيڪا سنڌ جي نياڻي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي خلاف سازش آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين هڪدم آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.01