آرمي چيف سان آزاد ڪشمير جي صدر جي ملاقات

news

راولپنڊي: جمعو 16 آگسٽ 2019: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان سان ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات جي دوران جنرل قمر جاويد باجوه مسعود خان کي ڪشمير ڪاز ۽ ڪشميري عوام جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ ايل او سي تي ڀارتي اشتعال انگيزي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.