ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائيندڙ روبوٽڪ ڪتو تيار

news

نيويارڪ: جمعو 16 آگسٽ 2019ع: آمريڪي سائنسدانن هڪ ڪتو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو عام ڪتن جيان ليٽي، ويهي ۽ بيهي سگهي ٿو، ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائيندڙ ڪتي جي خاصيت آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب فلوريڊا اٽلانٽڪ يونيورسٽي جي سائنسدانن ڪتو روبوت تيار ڪيو آهي جنهن جو نالو آسٽرو رکيو ويو آهي، هٿرادو ذهانت رکندڙ آسٽرو نوان نوان ڪرتب رکڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو جڏهن ته ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳالهائڻ ان جي خاصيت آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته آسٽرو کي سيڪيورٽي فورسز پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهندي ۽ اهو هنگامي امدادي ڪمن ۾ پڻ مددگار هوندو.

اهو روبوٽ ڪيميرا، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ انٽرنيٽ سان سلهاڙيل آهي جيڪو پنهنجي مالڪ جي ٻولي تي وڌيڪ مهارت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو.