شرجيل خان کي ري هيب پروگرام جي لاءِ ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ هفتي طلب ڪري ورتو

news

لاهور: (ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع) پي سي بي پاران ڪرپشن ڪيس ۾ سزا کائيندڙ ڪرڪيٽر شرجيل خان کي ري هيب پروگرام ترتيب ڏيڻ جي لاءِ ايندڙ هفتي لاهور طلب ڪري ورتو.

شرجيل خان جي پي ايس ايل 2 جي دوران اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ اڍائي سالن جي پابندي 10 آگسٽ تي ختم ٿي چڪي آهي. هاڻ کيس غلطي جو اعتراف ڪرڻو آهي، ان سان گڏ مختلف ليڪچرز به ڏيڻا پوندا.

ان دوران هو نوجوان ڪرڪيٽرن کي ڪرپشن کان پري رهڻ جي هدايت به ڪندو ۽ نقصانن بابت به آگاهي ڏيندو. هو ائين ڪرڻ سان ٻيهر ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ اهل بڻجي سگهي ٿو.

پهرين مرحلي ۾ شرجيل جي ليگل ۽ اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ جي عهديدارن سان ملاقات ۾ ري هيب پروگرام جو طريقيڪار طئي ڪيو ويندو.

شرجيل جي وڪيل شيغان اعجاز موجب ڪرڪيٽر  سومر يا اڱاري تي پي سي بي اختيارين سان ملاقات ڪندو. ڪوشس هوندي ته  جلد کان جلد ري هيب پروگرام مڪمل ٿئي ته جيئن ان جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي کي يقيني بنائي سگهجي.