لوئر دير ۾ جرڳي دوران فائرنگ سبب پنج ڄڻا مارجي ويا

news

پشاور: (ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع) لوئر دير جي علائقي گوسم ۾ جرڳي جي دوران فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب گوسم ۾ ڏيتي ليتي جي تڪرار تان جرڳو ٿي رهيو هو ته گهٽ وڌ ڳالهائڻ تي هڪ ڌر فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو.

فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا. جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو. ڊي ايس پي اجمل خان موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.