ڪراچي ۾ هر جڳهه تي ڪچري جا ڍير: شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ صفائي نه ٿي سگهي

news

ڪراچي:(ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع) عيدالاضحيٰ کي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود مختلف علائقن ۾ اڃان تائين ڪچري جا ڍير هر جڳهه تي موجود آهن.

رپورٽ موجب شهر ۾ صفائي جي ناقص انتظامن سبب جڳهه جڳهه تي اوجهريون روڊن تي پيل آهن ۽ 6 ڏينهن گذرڻ باوجود به ڪيترن ئي علائقن جي صفائي ناهي ٿي سگهي.

ڪراچي جي مختلف علائقن لياقت آباد 10 نمبر، پوسٽ آفيس ۽ سپر مارڪيٽ ۾ روڊ تي ڪچري ۽ اوجهرين جا ڍير آهن جڏهن ته ڊالميا، شانتي نگر، گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال ۾ به صورتحال انتهائي خراب آهي.

شهر ۾ ڪچري، اوجهرين ۽ برسات جي پاڻي سبب مختلف علائقن ۾ بدبوءِ ڦهليل آهي جنهن سبب شهرين کي ساهه کڻڻ ۾ به پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

صحت جي ماهرن شهر ۾ ٿيندڙ گندگي ۽ اوجهرين سبب پيدا ٿيندڙ بدبوءِ سبب مختلف بيمارين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.