پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ ٿيڻ سبب دنيا تي پوندڙ اثر

news

ڪراچي: (ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع) والاريل جمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سبب پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگي جنون عروج تي آهي ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻنهي ملڪن جي ڏيڍ ارب آبادي تي جنگي اثر سامهون اچي رهيا آهن ڇو ته ٻئي ملڪ هن وقت ايٽمي هٿيار رکندڙ ملڪ آهن.

ڀارتي گهرو وزير جي ايٽمي هٿيارن بابت ڏنل بيان خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان ۽ ڀارت دنيا ۾ سڀني کان وڏيڪ جوهري فليش پوائنٽ آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن چيو آهي ته ڪشمير دنيا جي سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ جڳهه آهي. ماهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جنگ شروع ٿي ته امڪان آهي ته ايٽمي جهيڙي جي شڪل اختيار ڪري وڃي جنهن سان نه صرف خطو پر  سموري دنيا ۾ به ان جا اثر ٿيندا. سوئيڊن جي ٿنڪ ٽينڪ سپري موجب هلندڙ سال جي شروعات ۾ دنيا جي 9 ملڪن وٽ 13865ايٽمي هٿيار هئا.

ڀارت وٽ 130 کان 140 جڏهن ته پاڪستان وٽ 140 کان 150 ايتمي هٿيار آهن. ٻنهي ملڪن وٽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ  ميزائل به آهن. 2014 جي هڪ مطالعي موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪڏهن جنگ ٿي ته ان ۾  15 ڪلو ٽن جا 100 بم استعمال ٿيا ته 2 ڪروڙ 10 لک ماڻهو مري سگهن ٿا. ان ڌماڪن سبب 50 لک ٽن دونهون  هوا ۾ داخل ٿيندو ڌماڪن جا اثر ماحولياتي تبديلي به آڻي سگهن ٿا.

زمين جو گرمي پد ايترو ٿڌو ٿي ويندو جيڪو هزارين سال اڳ هو ۽ ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين زمين جو گرمي پد ٿڌو رهندو. جنهن سان 2 ارب ماڻهو فاقه ڪشي جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جنهن کي عالمي ماهر جوهري ڏڪار جو نالو ڏئي رهيا آهن.

سياري جي موسم ۾ وڌيڪ اڍائي ڊگري ٿڌو ۽ گرمي جي موسم ۾ گرمي پد 4 ڊگري تائين ڪري سگهي ٿو. گرمي پد کي معمول تي آڻڻ  ۾ 25 سال لڳي سگهن ٿا ماهرن جي ويجهو اها محدود  علائقائي جنگ چورائيندي پر ان جا اثر سموري دنيا ۾ ٿيندا.