آمريڪا ايراني آئل ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺڻ جي لاءِ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع) آمريڪي قانون واري وزارت پڪڙيل ايراني آئل سپر ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺڻ جي لاءِ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. 2.1 ملين بيرل آئل کڻي ويندڙ ايراني آئل ٽينڪر  گريس ون کي 4 جولاءِ تي  شام طرف غيرقانوني سفر جي الزام ۾ پڪڙيو ويو هو.

جڏهن ته جمعي جي ڏينهن جبرالٽر جي عدالت ايراني آئل ٽينڪر گريس ون کي ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو. ايران پاران پنهنجي آئل ٽينڪر کي پڪڙڻ واري واقعي کي غيرقانوني رڪاوٽ قرار ڏنو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب گريس ون جي پڪڙجڻ جي 2 هفتن کان پوءِ 19 جولاءِ تي ايران برطانوي جهاز اسٽيرنا امپيرو کي آبنائي برمز مان قبضي ۾ ورتو هو.

ايران دعويٰ ڪئي ته برطانوي جهاز عالمي سامونڊي قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي جڏهن ته ايران جي ان ڪارروائي کي انتقامي ڪارروائي سمجهيو پيو وڃي. واشنگٽن دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي اقتصادي ايمرجنسي ايڪٽ، بينڪ فراڊ، مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي قانون جي بنياد تي هو ايراني آئل ٽينڪر گريس ون کي قبضي ۾ وٺي سگهي ٿو.

ان کان علاوه واشنگٽن جي طرفان هڪ اڪائونٽ مان 9 لک 95 هزار ڊالر به قبضي ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. واشنگٽن پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهو اڪائونٽ هڪ نامعلوم آمريڪي بينڪ ۾ آهي  جيڪو ايراني پاسداران انقلاب جي ڪاروبار ۽ ٻين ڪاررواين سان جڙيل آهي. ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪا ايراني پاسداران انقلاب جي گارڊز کي ٻاهرين دهشتگرد تنظيم جي طور تي به نامزد ڪيو آهي.