مبارڪپور جي گل ماڊل اسڪول ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب

news

مبارڪپور:ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع: مبارڪپور جي اسڪول گل ماڊل پاران جشن آزادي جي حوالي سان شاندار پروگرام اسڪول جي استادن عبدالرحمن ڀٽو، سعيد سومرو، حاڪم علي چنو، نورالله ڀٽو، سچل ڀٽو، حماد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ اسڪول جي ٻارڙن توحيد ڀٽو، احسان ڀٽو، ثنا سومرو آصفه گولو عارف ۽ ٻين انگريزي.

سنڌي ۽ اردو ۾ تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو، ٻارڙن پاران سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ تقريرون ڪري خوب داد حاصل ڪيو.

ان موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي استادن چيو ته ڪشمير اسان جو آهي ۽ ڪشمير هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو.

هنن چيو ته ڪشميرين مٿان ناحق ظلم بند ڪيو وڃي، جڏهن ته پروگرام ۾ سياسي، سمجاجي، صحافين ۽ مذهبي ماڻهن مفتي عبدالسلام ڀٽو، اقبال عادل مهر پرويز مهر، ساگر مهر قربان مهر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ آخر ۾ پرچم ڪشائي ڪئي وئي.01