مبارڪپور ۾ آبادگارن پاران مرزا واهه ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

مبارڪپور: ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع:آبادگارن ۽ جي يو آءِ پاران مرزاواهه ۾ پاڻي جي شديد هٿرادو کوٽ خلاف مظاهرو، شهر ۾ مارچ ۽ جامع مسجد آڏو ڌرڻو.

خبر موجب آبادگارن ۽ جمعيت علماءِ اسلام طرفان مرزاواهه ۾ پاڻي جي سخت هٿرادو کوٽ خلاف هڪ گڏيل وڏو احتجاجي مظاهرو مدرسه دارالعلوم مبارڪپور مان جي يو آءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، مفتي عبدالسلام ڀٽو، مولانا ارشاد احمد مهر، آبادگارن ڪرم الله مهر، حاجي مختيار احمد ڀٽو، عبدالغفار مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو.

وڏي انگ ۾ مظاهرين مختلف رستن تي مارچ ڪري مرزاواهه کي پاڻي ڏيو، پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪريو، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا، ڪربلا جهڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا، بعد ۾ جامع مسجد آڏو احتجاجي مظاهري کي ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مرزاواهه ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ملڪي دريا ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهن.

جڏهن ته مرزاواهه جي ڀرسان بيگاري ڪينال اوور ٽاپ آهي پر افسوس جو ايريگيشن کاتي جي آفيسرن ڄاڻي واڻي مرزاواهه جو پاڻي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هزارين ايڪڙ زمين ۾ بيٺل ساريالو فصل سڙي رهيو آهي ۽ زمين غير آباد ٿيڻ جو خطرو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته جلد مرزاواهه ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.01