خيرپور ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت، هڪ زخمي

news

خيرپور: ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع:قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، موٽرسائيڪل سوار هڪ نوجوان ٿڏي تي فوت، هڪ زخمي، ڊرائيور فرار.

لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، علائقي ۾ سوڳ واري حالت، ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي  ڪرم آباد ويجهو تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ الهداد حيدري جو رهواسي نوجوان معراج پٽ حبدار شيخ ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته موٽرسائيڪل سوار ٻيو نوجوان علي وارث پٽ فداحسين شيخ سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع تي ٻٻرلوءِ پوليس پهچي فوتي جو مڙهه ۽ زخمي کي سول اسپتال خيرپور کڻائي آئي، جتان ضروري ڪاررواين بعد فوتي جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.01