سلامتي ڪائونسل جو اجلاس: ڀارت جي ٽن اهم اسٽريٽجڪ حصيدارن اوپن سيشن جي حمايت ڪري ڇڏي

news

اسلام آباد: ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع: والاريل وادي ۾ ڀارتي ظلم خلاف ٿيندڙ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڇا ٿيو، خبر سامهون اچي وئي.

آن لائن انڊس کي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ موجب سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڀارت جي ٽن اسٽريٽجڪ پارٽنرز چين جي درخواست تي گهرايل مشاورتي اجلاس ۾ اوپن سيشن گهرائڻ جي حمايت ڪئي، اوپن سيشن جي حمايت ڪندڙ ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ روس شامل هو.

اجلاس ۾ روس موقف اختيار ڪيو ته ڪشمير مسئلو ٻه طرفو آهي پر صورتحال ايتري ڳمڀير آهي جو اوپن سيشن گهرايو وڃي، مشاورتي اجلاس دوران ٻين پندرنهن مان 12 ميمبرن پڻ سيڪيورٽي ڪائونسل جي اوپن سيشن جي حمايت ڪئي جڏهن ته اميد موجب ڊومينيڪن ريپبلڪ ۽ فرانس ڪشمير مسئلي تي سيڪيورٽي ڪائونسل جي اوپن سيشن جي مخالفت ڪئي، پر سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس اتفاق راءِ نه هجڻ ڪري بنا ڪنهن نتيجي ختم ٿيو.

ياد رهي ته گڏيل قومن جي قانونن جي تحت اوپن سيشن گهرائڻ کان اڳ ميمبرن جو مشاورت ۾ متفق هجڻ ضروري آهي، ياد رهي ته چين پاڪستان جي ايما تي اوپن سيشن گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي.