نئون ديرو: زارا منگي جي ٻيهر ڪيل پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جاري

news

نئون ديرو: ڇنڇر 17 آگسٽ 2019ع:نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ موريا فقير ۾ وحشي جوابدارن پاران 23 ڏينهن اڳ اجتماعي جنسي ڏاڍائيءَ بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد بيدرديءَ سان گهٽا ڏئي قتل ڪيل پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي 10 ورهين جي بيبي زارا منگيءَ جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاران جوڙيل جي آءِ ٽي جي درخواست تي فورٿ جڊيشل مئجسٽريٽ لاڙڪاڻو جي نگرانيءَ ۾ ڊاڪٽر حسن علي چانڊيو جي سربراهيءَ ۽ فارينسڪ ميڊيسن جي ماهر ڊاڪٽر عبدالرشيد پٺاڻ سميت پنج ڊاڪٽرن تي مشتمل ميڊيڪل بورڊ جوڙي قبرڪشائي ڪرڻ ٻيهر ڪيل پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بيبي زارا منگيءَ جو اڳ ۾ پوسٽ مارٽم ٿيل ئي نه هو ۽ نه ئي سندس جسم تي ڪو اهڙو نشان نظر آيو جنهن مان ظاهر ٿئي ته نينگريءَ جو اڳ ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو هو.

جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بيبي زارا منگيءَ جون اکيون ۽ زبان ٻاهر نڪتل هيون ۽ وات تمام گهڻو پٽيل هو. مٿي ۽ ٻانهن ۾ ڌڪ لڳل هئا جڏهن ته مٿي جي کوپڙيءَ ۽ پاسيريءَ جون هڏيون پڻ ڀڳل هيون. نينگريءَ جي کاٻي ٻانهن مروڙيل هجڻ ڪري هڏو پڻ ڀڳل هو. ميڊيڪل رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته نينگريءَ سان وحشتناڪ اجتمائي جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو ويو هو جنهن ڪري نينگريءَ جو نازڪ عضوي تي تمام گهڻا زخم هئا. واقعي جي پندرهين ڏينهن تي جڏهن قبر ڪشائي ڪري ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو پئي ويو تڏهن به نينگريءَ جي جسم مان رت هلي رهيو هو.

بيبي زارا جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪل بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر حسن علي چانڊيو جو چوڻ هو ته مان پنهنجي زندگيءَ ۾ 281 پوسٽ مارٽم ڪيا آهن پر هن قسم جو پوسٽ مارٽم پهريون ڀيرو ڪيو آهي جنهن ۾ بيبي زارا جو لاش 15 ڏينهن بعد به صحيح حالت ۾ هو ۽ واقعي کي 15 ڏينهن گذرڻ باوجود به قبر اندر رت هلي رهيو هو. ميڊيڪل بورڊ پاران جاري ڪيل حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي آءِ ٽي حوالي ڪئي وئي آهي جنهن بعد ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ سومر ڏينهن جي آءِ ٽي جو اجلاس سڏائي ورتو آهي ۽ پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين نائلا ۽ افشين ڀٽو پڻ سومر ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي جتي جي آءِ ٽي آڏو ڊي آءِ جي سامهون ٻنهي ڊاڪٽرياڻين جا بيان قلمبند ڪيا ويندا.

هوڏانهن مقتول نينگري بيبي زارا منگي جو والد امير علي منگي پنهنجي خاندان سميت ڳوٺ موريا فقير کان لڏ کڻي ڀرواري ڳوٺ ٽڳڙ ۾ وڃي ويٺو آهي جڏهن ته ڳوٺ موريا فقير ۾ رهندڙ منگي برادريءَ پڻ ڳوٺ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن ڪري هنن مختلف هنڌن تي جايون ڏسڻ به شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ امير علي منگيءَ جو چوڻ آهي ته اسان کي ڳوٺ جون گهٽيون ۽ رستا واقعي جي ياد ڏياري رهيا هئا ۽ سڄو منظر اسان جي اکين آڏو گهمي رهيو هو ۽ جوابدار ڌرين جي وارثن پاران اسان مٿان راڄوڻي ڪرڻ لاءِ پڻ دٻاءُ وجهي رهيا هئا. بار بار اسان جي گهرن ڏانهن نياڻيون، پاڪ ڪتاب ۽ سيد ميڙ ڪري اماڻيا پيا وڃن جنهن ڪري اسان ڳوٺ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون.

هن جو چوڻ هو ته ڳوٺ جا وڏيرا اسان مٿان اهو پڻ دٻاءُ وجهي رهيا هئا ته توهان ڪيس ۾ ٻين ماڻهن کي ڇو ٻڌرايو آهي. جڏهن ته اهڙي دانهن کڻي هو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ وٽ پڻ پهتا جتي هنن کيس سموري مامري کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسان هاڻي ڳوٺ کان لڏي ٻئي ڳوٺ ويٺا آهيون. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته اوهان بيبي زارا جو پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين نائله ۽ افشين ڀٽو کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چيو هو پر هن وقت تائين انهن کي شامل ناهي ڪيو ويو.

هنن پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين کي به ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ چيو ته اسان ڏسنداسين ته ڊاڪٽرياڻين جي ڪرمنل نيگليجنس آهي يا ٽريننگ نه هجڻ ڪري اڻڄاڻائيءَ ۾ هنن کان اهڙي ڪوتاهي ٿي آهي. ان لاءِ جي آءِ ٽي سان ميٽنگ ڪري ڊاڪٽرياڻين جا بيان قلمبند ڪيا ويندا ۽ جائزو ورتو ويندو.01