ڊکڻ ويجهو سوزوڪي جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان فوت

news

ڊکڻ (رپورٽ: ياسين ڌاريجو) آچر 18 آگسٽ 2019ع:ڊکڻ بس اسٽاپ تي تيز رفتار سوزوڪي جي ٽڪر ۾ زخمي نوجوان صدام خروس فوت، زخمي نوجوان کي وارث علاج  لاءِ ڪراچي کڻي وڃي رهيا هئا، زخمن جا تاب نه سهندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

خبر موجب ڊکڻ بس اسٽاپ رتوديرو شڪارپور روڊ تي روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار سوزوڪي جو ٽڪر لڳڻ سبب صدام پٽ غلام حسين خروس سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ ڪراچي نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

ڊکڻ پوليس سوزوڪي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. جڏهن ته سوزوڪي ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي، فوتي نوجوان ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ غلام رسول خروس جو رهواسي هو، جيڪو ڊکڻ شهر ڪم سانگي آيل هو، جيڪو سوزوڪي جي ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.01