پاڪستان تي عالمي ڪرڪيٽ جا دروازا کلڻ جا آثار واضح

news

لاهور: آچر 18 آگسٽ 2019ع: سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪيورٽي ٽيم پاڪستان دوري جي انتهائي مثبت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ٽيسٽ ميچون کيڏڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا.

تفصيل موجب پاڪستان ۾ 10 سالن کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي جا آثار واضح ٿيڻ لڳا آهن، پاڪستان جو دورو ڪندڙ سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪيورٽي ٽيم انتهائي مثبت رپورٽ ڏني آهي جنهن کانپوءِ ان ڳالهه جو چٽو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن سڀ ڪجهه پلان موجب هلندو رهيو ته مارچ 2009ع کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي ويندي.

ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي سلسلي ۾ ٻه ٽيسٽ ميچن جي سيريز جيتوڻيڪ نيوٽرل وينيو تي شيڊول هئي جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  سريلنڪا کي اها سيريز پاڪستان ۾ کيڏڻ جي تجويز ڏني. ان کي نظر ۾ رکندي سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ موهن ڊي سلوا جي سربراهي هيٺ پنهنجو سيڪيورٽي وفد پاڪستان موڪليو هو جنهن لاهور ۽ ڪراچي جو دورو ڪري سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو.