ڄام نواز علي ۾ ايس ٽي پي پاران ڪشميري مسلمانن تي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڄام نوازعلي: آچر 18 آگسٽ 2019ع:ڄام نواز علي ۾ ايس ٽي پي پاران ڪشميري مسلمانن تي ظلم خلاف  احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب نئوآباد شهر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪشميري مسلمانن تي جارحيت ظلم خلاف ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ جن تي ڪشميري مسلمانن تي ظلم خلاف نعرا لکيل هئا.

شهر جي مين چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان پريس ڪلب پهتي، جتي ايس ٽي پي اڳواڻن علي ڏنو خاصخيلي، قادربخش کوسو، لياقت کوسو، مختيار کوسو چيو ته ڀارت ولاريل ڪشمير تي معصوم ڪشميرين تي ظلم ڪندي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.

اسان ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ظلم جو شڪار ڪشميرين جي مدد ڪري ۽ ڀارت ڪشميرين سان ظم بند ڪري کين آزادي ڏئي.01