ڀارتي مسلمان مودي خلاف گڏي ٿي وڃن: درگاهه اجمير شريف جو گادي نشين

news

نئين دلي: آچر 18 آگسٽ 2019ع: درگاهه اجمير شريف جي گادي نشين سيد سرور چشتي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڀارتي مسلمانن کي انتهاپسند مودي حڪومت خلاف گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

تفصيل موجب سيد سرور چشتي پنهنجي وڊيو بيان ۾ سوال اٿاريو آهي ته ڪهڙو ڀارت آهي، هي ڇا ٿي رهيو آهي مسلمانن سان؟ هي ڪهڙو ظلم ٿي رهيو آهي مسلمانن سان؟ هي ڪهڙي 72 هين يوم آزادي آئي آهي ڀارتي مسلمانن لاءِ؟.

درگاهه اجمير شريف جي گادي نشين سيد سرور چشتي چيو ته راجسٿان ۾ گروهه جي تشدد سبب مارجي ويل پهلو خان ڪيس جو فيصلو مذمت جوڳو آهي، ڇهن جوابدارن کي بري ڪيو ويو آهي، ڇا آسمان مان جنن اچي پهلو خان کي قتل ڪيو؟.

سيد سرور چشتي جو چوڻ هو هو ته پهلو خان جا ٻه پٽ اڃان به ڳئون اسمگلنگ جي الزام ۾ قيد آهن، ڀارت ۾ ڪربلا برپا آهي، مسلمانن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، مسلمان الله ۽ رسول صه ۽ قرآن پاڪ تي گڏ ٿي وڃن.