اذان سميع والد سان ڀارت ۾ نه رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

news

ڪراچي: آچر 18 آگسٽ 2019ع: ڀارتي راڳي عدنان سميع خان ۽ زيبا بختيار جي پٽ اذان سميع خان ڀارت بدران پاڪستان ۾ رهڻ ۽ هتي ڪيريئر شروع ڪرڻ جي حوالي سان چيو آهي ته پاڪستان ان جو گهر آهي ان ڪري هن ڀارت بدران هتي رهڻ کي ترجيح ڏني.

اذان زميع خان هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڏنل انٽرويو ۾ پنهنجي ڪيريئر ۽ پنهنجي والد عدنان سميع سان پنهنجي لاڳاپن جي حوالي سان کلي ڳالهايو، اذان سميع پنهنجي والد جي ڀارت ۾ رهڻ جي فيصلي جي حوالي سان چيو ته ڀارت ۾ رهڻ جو فيصلو سندس هو ۽ مان ان فيصلي جي عزت ڪريان ٿو.

اذان سميع چيو ته منهنجي والد جيان مون وٽ به اختيار هو ته مان ڀارت وڃي پنهنجو ڪيريئر شروع ڪريان ۽ يا پاڪستان ۾ رهان، ته مون پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني.

پاڪستان منهنجو گهر آهي ۽ منهنجي والدا محبت وطن عورت آهي، ان کان علاوه پاڪستان فلم انڊسٽري کي به مان پنهنجي گهر جيان مڃان ٿو ان لاءِ مون پاڪستان ۾ رهڻ ۽ هتي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني.

اذان سميع پنهنجي ۽ پنهنجي والد وچ ۾ لاڳاپن جي باري ۾ چيو ته اسان ٻنهي جو رشتو تمام عجيب آهي، مان ان سان ۽ ان جي ڪم کان سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مان سندس پٽ آهيان ان ڪري منهنجو حق ناهي ته مان ان تي يا ان جي ڪنهن فيصلي تي تبصرو ڪريان، پر منهنجي زندگي ۾ هڪ ڳالهه تمام واضح آهي ته مان هڪ پاڪستاني آهيان ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.