اوڏيرو لال اسٽيشن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، استعمال ٿيل سرنجون عوام هنڌن تي اڇلائڻ سبب بيماريون پکڙجڻ لڳيون

news

اڏيرو لال اسٽيشن:آچر 18 آگسٽ 2019ع: اوڏيرو لال اسٽيشن شهر ۾ عطائي ڊاڪٽرن غيرقانوني اسپتالون کولي عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته عطائي ڊاڪٽرن جي علاج سبب هيپاٽائٽس، ٽي بي، ايڊز سميت ٻين ڪيترن ئي خطرناڪ بيمارين ۾ علائقي واسين مبتلا آهن. خاص طور تي ڪاري سائي عطائي ڊاڪٽرن جي علاج کان پوءِ جنم ورتو آهي، جنهن ۾ 75 سيڪڙو رهواسي مبتلا آهن.

ان ڏس ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته هيلٿ کاتي مٽياري پاران عطائي ڊاڪٽرن سان ڳٺجوڙ هجڻ ڪري انهن بنا ڪنهن خوف جي شهر اوڏيرولال اسٽيشن ۾ وڏي پيماني تي غيرقانوني اسپتالون کولي جتي ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جا بورڊ هڻي عوام کي بيوقوف بڻائي انهن جو علاج ڪن ٿا.

ٻئي طرف عطائي ڊاڪٽر لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي سرنج، بلڊ بيگ، گليسوز بيگ سميت نڊل ۽ ٻيون استعمال ٿيل خطرناڪ شيون کلي عام ڳتيل آبادي جي چونڪن تي اڇلائي ڇڏيندا آهن.

نتيجي ۾ انهن اڇلايل شين کي گهٽين ۾ کيڏندڙ ننڍڙا ٻار رانديڪي طور تي انهن سان کيڏن ٿا، جنهن ڪري معصوم ٻارڙن ۾ پڻ اُهي بيماريون شامل ٿي چڪيون آهن، هتان جي سڄاڻ حلقن جو چوڻ آهي ته عطائي ڊاڪٽرن کي پيدا ڪرڻ جو اهم ڪارڻ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهن، جيڪي پنهنجا بورڊ عطائي ڊاڪٽرن کي ماهوار ڀاڙي تي ڏين ٿا.

هنن صحت واري صوبائي وزير، سيڪريٽري صحت، ڊي جي صحت، ڊي سي مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته اوڏيرولال اسٽيشن ۾ غيرقانوني قائم ڪيل عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون سيل ڪري هتان جي اٻوجهه ماڻهن کي وچڙندڙ بيمارين کان بچايو وڃي.01