مسوڀرڳڙي ۾ انتظاميا جي نااهلي سبب آر او پلانٽ ناڪارا بڻيل، ڳوٺاڻا گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور

news

مسوڀرڳڙي: آچر 18 آگسٽ 2019ع:پ پ پ جو 10 سالن جو جهموري دور  مسوڀرڳڙي واسين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيو آهي، جنهن ۾ حيدرآباد ٻهراڙي جي يونين ڪائونسل مسوڀرڳڙي   ۽ ٻارچاڻي ۾ لڳل 5 فلٽر پلانٽ ناڪاره بڻيل رهواسي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم بڻيل آهن،

جنهن ۾ مسوڀرڳڙي جو آر او پلانٽ 3 مهينن کان بند پيل،واڻڪي وسي جو آر او پلانٽ هڪ سال کان بند پيل، ڳوٺ دريا خان لغاري جو آر او پلانٽ 2 سالن کان بند پيل، ڳوٺ آخوند جو بنگلو ۾ 1 سال کان بند پيل، ڳوٺ طالب المولي ڪالوني ۾ هڪ ڏينهن به نه هليو تا حال آر او پلانٽ بند پيل آهن.

هوڏانهن علائقي ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ زهريلو ٿيڻ سبب رهواسي چمڙي پيٽ جي مختلف بيمارين کانسواءِ ڪاري ڪامڻ جي مرض ۾ تيزي سان وڪوڙجي ويا آهن، علائقي واسين خادم خاصخيلي، معشوق علي ترڪ، مدثر مهدي لغاري ۽ ٻين ٻڌايو ته 2014 ۾ لڳل صاف پاڻي جا پلانٽ وڏي بجيٽ خرچ ٿيڻ کانپوءِ تيار ٿيا، پر پبلڪ هيلٿ کاتي وٽ وڃڻ کانپوءِ بند ڪيا ويا آهن.

هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا اختيارين کي درخواستون ڏنيون پر ڪو به کڙ تيل ناهي نڪتو. هنن چيو ته صوبائي تڪ جي ايم پي اي ڄام خان شورو ۽ قومي تڪ جي ايم اين اي سيد طارق شاهه ڄاموٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته هن معاملي جو ترجيحن بنياد تي نوٽيس وٺي بند پيل آر اوز پلانٽ فعال ڪرائي علائقي واسين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي، ته جيئن هتي جا رهواسي بيمارين کان بچي سگهن.01