پاڪستان فلم انڊسٽري جو سونهري دور هڪ ڀيرو ٻيهر واپس اچي رهيو آهي: آمنا الياس

news

لاهور: آچر 18 آگسٽ 2019ع: اداڪارا ماڊل آمنا الياس چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري جو سونهري دور هڪ ڀيرو ٻيهر واپس اچي رهيو آهي جڏهن ته معياري فلمون ٺهڻ سان پرڏيهي فلمن کي پسند ڪندڙ پڻ گهٽجڻ لڳا آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آمنا الياس چيو ته اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي، فلمسازي جي تربيت وٺڻ لاءِ ادارا به ناهن پر ان جي باوجود فلم جو جيڪو معيار اسان وٽ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي اهو گهڻين ئي ڪامياب فلم انڊسٽرين جو نه هو. جيڪڏهن اسان ان کي پاڪستان فلم انڊسٽري جو پهريون قدم قرار ڏيون ته غلط نه هوندو ڇو ته منزل پري آهي ۽ رستو تمام ڏکيو، پر ايستائين پهچڻ ناممڪن ناهي.

اداڪارا چيو ته اسان وٽ باصلاحيت فلم ميڪرز، رائيٽرز، ڊائريڪٽرز، موسيقار ۽ فنڪار اها ڳالهه چڱي طرح ڄاڻين ٿا ته اسان جو مقابلو جنهن فلم انڊسٽري سان آهي اها هر لحاظ کان اسان کان اڳتي آهي پر اسان اها ڳالهه وثوق سان چئي سگهون ٿا ته اسان ڪنهن کان گهٽ ناهيون.