ڊين جونز به قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊڪوچ بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ شامل

news

لاهور: آچر 18 آگسٽ 2019ع: اڳوڻو آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊين جونز پڻ پاڪستان ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻجڻ جي لاءِ اميدوارن ۾ سامل ٿي ويو آهي، هن پنهنجي درخواست پي سي بي کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ڊين جونز آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ لاءِ ڪنسلٽنٽ جي طور تي ڪم ڪري چڪو آهي، افغانستان جو وقتي ڪوچ پڻ رهيو، پي ايس ايل جي فرنچائز اسلام آباد يونائيٽيڊ ان جي ڪوچنگ ۾ ٻه ڀيرا چيمپيئن بڻجي چڪي آهي.

ڊين جونز ان کان اڳ به هڪ ڀيرو پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ سنڀالڻ لاءِ مضبوط اميدوارن ۾ شامل هو پر ڪجهه تڪرارن جي ڪري ان کي نظرانداز ڪيو ويو هو.