کنڊ جا واپاري ملڪ ڀائر اربين رپيا وٺي گم ٿي ويا آهن، انصاف ڪيو وڃي: مورو واسي

news

مورو:آچر 18 آگسٽ 2019ع: مورو شهر جي رهواسين مسرور احمد ڪورائي، منصور احمد ڪورائي، دلشاد احمد ڪورائي مورو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مورو ۾ کنڊ جي وڏي واپارين ملڪ شبير، ملڪ توقير پاران کنڊ خريد ڪرڻ ۽ منعافي ڏيڻ جي آڙ ۾ اسان سميت مورو جي ڪيترن ئي شهرين کان لکين روپيا وٺي اٽڪل هڪ هفتي کان مورو شهر مان غائب ٿي ويا آهن ۽ سندن بنگلن کي تالا لڳل آهن.

اسان بار بار انهن جي بنگلن تي ويا آهيون پر هڪ هفتي کان وٺي سندن ڪو به ڏس پتو نه آهي ڪجھ ڏينهن اڳ هنن سان موبائيل تي رابطو هو پر هاڻي اهي اسان جي ڪال به کڻڻ لاءِ تيار نه آهن هنن چيو ته اسان پنهنجي جائيداد وغيره وڪرو ڪري کنڊ جي ڪاروبار ۾ اٽڪل 34 لک روپيا هنن کي ڏئي ڀائيواري ڪئي هئي جيڪي اسان هنن کي رقم ڏني آهي انهي جو الحبيب بئنڪ برانچ مورو جون رسيدون پڻ اسان وٽ موجود آهن.

هنن اسان سميت مورو جي ڪيترن ئي ماڻهن کان کنڊ خريد ڪرڻ واري ڀائيچاري ۽ منعافي جي لالچ ڏئي انهن کان اربين روپيا کڻي گم ٿي ويا آهن ۽ ڪجھ سفيد پوش ماڻهو انهن کي بچائڻ چاهين ٿا ۽ ملڪ مافيا متاثرين کي ورتل پئسا واپس ڪرڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏئي رهيا آهن ۽ ڪجھ متاثرين کي ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته اسان جي رقم کڻي گم ٿي ويندڙ ملڪ مافيا ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي جنهن ڪري اسان ايف آءِ اي، نيب کي اپيل ٿا ڪيون ته مذڪوره ملڪ ڀائرن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن جيئن هو ملڪ کان ٻاهر فرار نه ٿي سگهن.

ياد رهي ته ڪافي سالن کان وٺي مورو شهر جا مشهور کنڊ جا واپاري ملڪ شبير ۽ سندس ڀائر کنڊ جو واپار ڪندا هئا ۽ ڪيتري ئي عرصي کان وٺي شهر جي ڪاروباري ماڻهن ۽ واپارين کان کنڊ وٺڻ ۽ منعافي جي آڙ ۾ کانئن ڪروڙين روپيا وٺندا رهيا آهن جيڪي ڪجھ ڏينهن کان وٺي شهر مان غائب آهن ۽ شهر ۾ اهي چوٻول هلي رهيا آهن ته هو شهر جي واپارين کان اٽڪل اڍائي ارب کڻي شهر مان هليا ويا آهن ۽ پئسا ڏيندڙ سخت پريشان ٿي ويا آهن.

جڏهن ته مذڪوره ملڪ ڀائرن جو سوٽ ملڪ توقير پڻ کنڊ جو واپاري هو جيڪو پڻ شهر جي واپاري طبقي کان اٽڪل 30، 40 ڪروڙ کان مٿي کنڊ جي نالي تي پئسا وٺي  ھڪ مھيني کان وٺي شهر مان هليو ويو آهي جنهن ڪري پئسا ڏيندڙ شهرين جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. تنهن ڪري متاثرين ذميوار انتظاميه ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته مذڪوره ماڻهن کي ڳولي گرفتار ڪري اسان سميت ٻين متاثرين جي ٻڏل رقم واپس ڏياري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.01