پاڪستان ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ ايڪشن پلان تي عمل جي حوالي سان حتمي ڳالهيون آسٽريليا ۾ شروع

news

اسلام آباد: (سومر 19  آگسٽ 2019ع) پاڪستان ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي وچ ۾ ايف اي ٽي ايف ايڪشن  پلان تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان حتمي ڳالهيون آسٽريليا ۾ شروع ٿي ويون.

پاڪستان جي طرفان ٻڌايو ويو ته گڏيل قومن جي  اداري جي تعاون سان نئين نيشنل رسڪ اسيسمنٽ شروع ڪئي وئي آهي ۽ مني لانڊرنگ ۽ ٽيررزم فنانسگ جي حوالي سان  ڪيل ڪاررواين بابت آگاهه ڪيو ويو. ايف اي ٽي ايف جي وفد ۾ شامل ايشيا پيسفڪ گروپ(اپي جي) جي طرفان ٽيرازم فنانسنگ ۾ ملوث عناصرن جي سزائون ڏيڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.

پاڪستان 26 مان 22 نڪتن تي عمل ڪرڻ جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪئي. ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت  گورنر اسٽيٽ بينڪ رضا باقر ڪري رهيو آهي.  ناڻي واري وزارت موجب پاڪستان وڌيڪ اڳڀرائي ڪئي آهي ان لاءِ اميد آهي ته نومبر ۾ سٺي خبر ايندي ۽ پاڪستان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل نه ٿيندو ۽ گري لسٽ مان نالو ڪڍڻ جا به امڪان آهن.