پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا ۽ طوفان سان گڏ برسات

news

لاهور: (سومر 19  آگسٽ 2019ع) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن، طوفان ۽ کِنوڻ سان گڏ تيز برسات پئي. گجرات، محمد نگر، عارفوالا، فورٽ عباس، نارنگ منڊي، بوريوالا، رائيونڊ سميت مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ گرمي جي زور ۾ گهٽتائي اچي وئي.

تيز هوا ۽ طوفان سبب مختلف فيڊرز ٽرپ ٿي ويا جنهن سبب ڪيترن ئي  علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل هي. برساتن کان پوءِ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا ۽ مرڪزي روڊ جهيل جو منظر پيش ڪرڻ لڳا. روڊن تي ڪيترائي فوٽ پاڻي بيهجي ويو جنهن سبب شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. گهرن، دڪانن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب زندگي جو ڪارونهوار سخت متاثر ٿيو.

هوڏانهن راجن پور ۾ ڪوهه سليمان جي پهاڙي وارو سلسلو برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو. برساتي نالي چهاچهڙ ۾ 25 هزار ڪيوسڪ ٻوڏ وهڪري هيٺانهين وارن علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي جڏهن ته چڪ شهيد ۾ چانور ۽ ڪپهه جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.