والاريل ڪشمير ۾ پندرهين ڏينهن به ڇڪتاڻ واري صورتحال، عوام گهرن تائين محدود

news

سري نگر: (سومر 19  آگسٽ 2019ع) والاريل ڪشمير ۾ مودي سرڪار طرفان لڳايل ڪرفيو جي 15 ڏينهن به والاريل وادي ۾ حالتون ڇڪتاڻ واريون آهن ۽ عوام گهرن تائين محدود آهي.

ڀارت جي هندو انتهاپسند حڪمران پارٽي 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بابت آئين جو آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ بابت بل راجيه سبها ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ئي صدارتي حڪم نامي جي ذريعي ختم ڪري ڇڏيو هو. مودي سرڪار آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ کان اڳ ئي هزارن جي انگ ۾ اضافي نفري کي والاريل ڪشمير ۾ مقرر ڪري وادي ۾ اڻڄاڻايل مدي تائين ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ويران روڊن تي قابض ڀارتي فورس جو گشت جاري آهي ۽ حريت اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ اڃان تائين گهرن ۾ نظربند يا جيلن ۾ قيد آهن.

ڪي ايم ايس جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪرفيو ۽ جڳهه جڳهه تي ڀارتي فوجي ناڪن جي باوجود صوره، رعنا واري، نوهٽا ۽ گوجواره سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪشميرين ڀارت خلاف مظاهرا ڪيا. مظاهرين طرفان پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائي گو انڊيا گو ۽ ڀارت کان آزادي جي حق ۾ نعرا هنيا پيا وڃن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل  ڏينهن قابض ڀارتي فوج مظاهرين تي فائرنگ، پيلٽ گنز ۽ شيلنگ جو انڌاڌنڌ استعمال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪشميري نوجوان محمد ايوب شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا  هئا.  ڪشمير ميڊيا سروس ٻڌايو ته ڀارتي پابندين سان والاريل ڪشمير ۾ خوراڪ، دوائن سميت ٻين شين جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

هڪ ڪشميري جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته اسان کي آزادي وٺڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي ڇو ته اهو اسان جو بنيادي حق آهي. والاريل وادي جي شهري وڌيڪ ٻڌايو ته پوري 24 ڪلاڪن ۾ ڪرفيو ۾ صرف هڪ ڪلاڪ جي نرمي ڪئي وئي جنهن سبب عوام کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. اهڙي صورتحال ۾ ٻارن کي اسڪول ڪيئن ٿا موڪلي سگهون.