مخالف ڌر جي پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس اڄ ٿيندي

news

اسلام آباد: (سومر 19  آگسٽ 2019ع) مخالف ڌر جي پارٽين  جي آل پارٽيز ڪانفرنس اڄ 11 وڳي ٿيندي. تفصيل موجب والاريل ڪشمير جي صورتحال تي مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندي. ڪانفرنس جي صدارت مولانا فضل الرحمان ڪندو.

اي پي سي ڏينهن 11 بجي چڪ شهزاد ۾ سينيٽر طلحه محمود جي فارم هائوس تي ٿيندي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مخالف ڌر جي  پارٽين جا اڳواڻ شرڪت ڪندا. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف شرڪت نه ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي اسڪردو واري دوري ۽ شهباز شريف چيلهه ۾ تڪليف هجڻ سبب اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪري سگهندا.

مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي اي پي سي ۾ شرڪت جي لاءِ وفد جوڙي ڇڏيا آهن. مسلم ليگ(ن) طرفان خواجه آصف، احسن اقبال ۽ اياز صادق شرڪت ڪندا. پ پ طرفان يوسف رضا گيلاني، نيئر بخاري ۽ فرحت الله بابر شرڪت ڪندا. اي پي سي ۾ شامل ٻين پارٽين ۾ اي اين پي جو اسفنديار ولي ۽ ميان افتخار شرڪت ڪندا. پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي طرفان محمود خان  اچڪزئي شرڪت ڪندو. جمعيت علماءِ پاڪستان طرفان علامه اويس نوراني شرڪت ڪندو.

قومي وطن پارٽي جو اڳواڻ آفتاب احمد شير پائو شرڪت ڪندو. جڏهن ته جمعيت اهلحديت جي اڳواڻن سميت مخالف ڌر جا ٻيا اڳواڻ به شرڪت ڪندا. ذريعن  موجب اي پي سي ۾ سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ ناڪامي کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

اي پي سي ۾ حريت اڳواڻ خصوصي طور شرڪت ڪندو. آل پارٽيز ڪانفرنس جا 2 سيشن ٿيندا. پهرين سيشن ۾ حريت اڳواڻ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان بريفنگ ڏيندو. جڏهن ته ٻئين سيشن ۾ سموريون مخالف ڌر جون پارٽيون گڏيل لائحه عمل جوڙينديون.