خيبرپخونخواهه ۾ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ پي ڊي ايم اي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

news

پشاور: (سومر 19  آگسٽ 2019ع) صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي خيبرپختونخواهه ٻوڏ بابت هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب پي ڊي ايم اي نئين صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن کي ٻوڏ  بابت هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ڊي آءِ خان، نوشهره، هري پور، مانسهره، ڪوهستان، طورغر ۽ ايبٽ اباد جي ضلعي انتظاميه کي خبردار ڪيو ويو آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي الچي ڊيم مان پاڻي جو ڇوڙ ڇڏيو ويو آهي ٻوڏ وهڪرو تقريبن 12 ڪلاڪن ۾ تربيلا ڊيم پهچي ويندو.

خط ۾ ڪابل درياءَ جي ڀرپاسي جي آبادي وارن ماڻهن کي تيار رهڻ کان علاوه لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط ذريعي حفاظتي قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.