مفتاح اسماعيل ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او عمران الحق جي جسماني رمانڊ ۾ يارنهن ڏينهن جي واڌ

news

اسلام آباد: (سومر 19  آگسٽ 2019ع) ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او عمران الحق جي جسماني رمانڊ ۾ 30 آگسٽ تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

نيب اختيارين ايل اين جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار مفتاح اسماعيل ۽ عمران الحق کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران مفتاح اسماعيل جي وڪيل حيدر وحيد جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته ايل اين جي ٽرمينل جو مهانگو ٺيڪو ڏيڻ جو الزام درست ناهي. وڪيل مفتاح اسماعيل چيو ته نيب وٽ ٻئي ڪمپني کي سستو ٺيڪو ملڻ جي  حوالي سان ڪوبه ثبوت ناهي ۽ موجوده حڪومت جا ڏنل ٺيڪا ان کان به مهانگا ڏنا ويا آهن. هن چيو ته صرف هڪ سياسي پارٽي کي نشانو بنائڻ جي لاءِ مفتاح اسماعيل کي گرفتار ڪيو ويو.

ان موقعي تي مفتاح اسماعيل جي ميڊيڪل رپورٽس به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. مفتاح اسماعيل جي وڪيل حيدر وحيد ٻڌايو ته نيب وٽ گرفتار مفتاح اسماعيل جو معائنو ڪرايو  مفتاح اسماعيل جي دل ۾ سوراخ آهي کيس گرفتار ڪري رکڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ٻڌڻي دوران(ن) ليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل ڪٽهڙي ۾ اچي ٻڌايو ته رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته نيب جو رويو مون سان بهتر ناهي.  هن عدالت کي درخواست ڪئي ته نيب اختيارين کي چئو ته هر روز هڪ ڪلاڪ مون وٽ ايندا ڪريو، هي صرف 5 منٽن جي لاءِ ايندا آهن.

مفتاح اسماعيل چيو ته مون کي  جاچ جي لاءِ رکيو ويو آهي ته هڪ ڪلاڪ ته جاچ ڪن، جاچ ۾ جيڪو پڇڻو  آهي اهو پڇن. مفتاح  اسماعيل عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته نيب وارا ساڍا 23 ڪلاڪ ننڍي ڪمري ۾ بند رکندا آهن ۽ صرف اڌ ڪلاڪ واڪ جي اجازت ملندي آهي. 2 منٽ مٿي وڃون ته چوندا آهن ته 32 منٽ ٿي ويا آهن واپس اندر هلو.

وڪيل مفتاح اسماعيل حيدر وحيد موقف اختيار ڪيو ته جاچ پهريان ٿي چڪي آهي. هاڻ ته نيب وارن جي هن سان دوستي ٿي وئي آهي، دوستي جي لاءِ وڌيڪ رمانڊ وٺڻو آهي ته ڀلي وٺن پر رمانڊ بڻجي نٿو. عدالت مفتاح اسماعيل ۽ عمران الحق جي جسماني رمانڊ ۾ 30 آگسٽ تائين واڌ ڪندي نيب کي مفتاح اسماعيل جي ميڊيڪل سهوليتن جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي.