جج وڊيو اسڪينڊل: شهباز شريف جاچ دوران سمورا الزام مريم نواز مٿان مڙهي ڇڏيا

news

اسلام آباد: (سومر 19  آگسٽ 2019ع) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل جي جاچ دوران سمورو معاملو مريم نواز تي وجهي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو 3 رڪني بينچ اڱاري تي احتساب عدالت جي اڳوڻي جج اشرف ملڪ جي وڊيو اسڪينڊ: بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪندو.

عدالت گذريل ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کان جاچ رپورت طلب ڪئي هئي. عدالتي حڪم جي روشبي ۾ ايف آءِ اي وڊيو اسڪينڊل تي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم شهباز شريف ۽ مريم نواز کان جاچ ڪئي.

شهباز شريف جاچ دوران سمورو معاملو مريم نواز مٿان وجهي ڇڏيو آهي. جڏهن ته مريم نواز ناصر بٽ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مريم نواز چيو ته جج جي وڊيو ٺاهڻ ۾ منهنجو ڪوبه ڪردار ناهي، وڊيو ناصر بٽ ٺاهي ياد رهي ته وڊيو اسڪينڊل جي جاچ مڪمل ناهي ٿي اڃان تائين جاچ هلندڙ آهي.