گهوٽڪي واسي چانورن جو واپاري نوجوان سائوٿ آفريڪا ۾ فوت، مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ مدد جي اپيل

news

گهوٽڪي: سومر 19 آگسٽ 2019ع:سائوٿ آفريڪا ۾ چانورن جو واپار ڪندر گهوٽڪي واسي هندو نوجوان سنديپ ڪمار روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.

ان سلسلي ۾ سندس وارثن جو چوڻ آهي ته فوتي نوجوان جو مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون ته جيئن هن جون آخري رسمون هتي ٿي سگهن.

جڏهن ته گهوٽڪي شهر جي جي ڊونگ پاڙي جو رهواسي هندو نوجوان سنديپ ڪمار پٽ گاشي رام سائوٿ آفريڪا ۾ چانورن جو واپار ڪندو هو، جتي هو پوڄا لاءِ مندر وڃي رهيو هو ته روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو.

فوتي نوجوان جي پيءُ حادثي ۾ پٽ جي فوتگي جي تصديق ڪندي سندس چوڻ هو ته سنديپ ڪمار جو مڙھ پاڪستان آڻڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪري رهيا آهيون.

مڙهه ڏيهه پهچڻ ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پٽ جو مڙهه جلد ڏيهه واپس آڻڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.01