يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران شاگرد يونين جي بحالي لاءِ تاريخي مارچ ڪيو ويندو: سنڌو نواز گهانگرو

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) سومر 19 آگسٽ 2019ع:يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سرواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، سهيل ڀٽو، سرمن بروهي ۽ ٻين شاگردن يونين تي لڳايل پابندي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته دنيا جي سڀني سڌريل ملڪن ۾ مزدورن کان وٺِي شاگردن تائين هر قسم جي يونين سازي جي مڪمل اجازت هوندي آهي.

يونين سازي کي بين الااقوامي ادارن طرفان به مڃيو ويو آهي، انهي يونين سازي جي ذريعي اڳتي هلي قومن جا ليڊر به پيدا ٿيندا آهن، جنهن جو مثال محترما بينظير ڀٽو جو پڻ آهي، جيڪا شاگردي واري دور ۾ پنهنجي يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جي صدر پڻ ٿي هئي پر افسوس جو پاڻ هن ملڪ جي وزيراعظم ٿيڻ باوجود به شاگرد يونين تان پابندي نه هٽائي سگھي.

هنن چيو ته شاگرد يونين تي بندش سبب ڪيترائي شاگردن جا مسئلا جنم وٺن ٿا جهڙوڪ ڳاٽي ٽوڙ فين جو شاگردن مٿان لاڳو ٿيڻ، شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ ڪرڻ جا ڪيترائي مسئلا ٿين ٿا. هنن چيو ته مذهبي انتهاپسندي جو رجحان تعليمي ادارن ۾ حڪومتن جي عمل دخل ڪري وڌي رهيو آهي.

ان ڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته يوٿ ايڪشن ڪاميٽي شاگرد يونين بحال ڪرائڻ لاءِ 21 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ هڪ وڏو تاريخي مارچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي شاگردن کي شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪيون ٿا، مارچ علامه دائود پوٽو لائبريري کان شروع ٿيندو ۽ حيدرچوڪ تي ختم ٿيندو.01