حيدرآباد ۾ ٽنڊو غلام حيدر جي رهواسين پاران عورت جي اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو)سومر 19 آگسٽ 2019ع: ٽنڊو غلام حيدر ويجھو ڳوٺ آزاد نگر جي رهواسين وزير اوڏ، عيسو اوڏ ۽ ٻين عورت جي اغوا جي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي وزير اوڏ چيو ته 3 آگسٽ 2019ع تي منهنجي زال مسمات حسينه اوڏ ڳوٺ ڀرسان تلاءُ تي ڪپڙا ڌوئڻ وئي ته جوابدار ڪامريڊ صابر راجپوت، سروڻ ڪولهي ۽ منو ڪلهي ڪار تي سوار ٿي آيا ۽ هٿيارن جي زور تي منهنجي گھرواري کي اغوا ڪري کڻي ويا.

هن چيو ته اهڙي واقعي جو ڪيس مون پٻڻ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته جوابدار مٺو ڪولهي مون کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ موتمار مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي عورت کي بازياب ڪرائي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.01