سنڌ جو مشهور لوڪ فنڪار جگر جلال اغوا

news

شڪارپور: سومر 19 آگسٽ 2019ع: سنڌ جي لوڪ فنڪار جگر جلال چانڊئي 4 ساٿين سميت اغوا ڪيو ويو.

جگر جلال ڪجهه مهينا اڳ احمد رشدي جو مشهور گانو ڪوڪو ڪورينا ڳائي پوري ملڪ ۾ شهرت حاصل ڪئي هئي.

پوليس موجب جگر جلال کي شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي کان شرڪارپور ويندي اغوا ڪيو ويو.

شڪارپور پوليس جو چوڻ آهي ته جگر جلال سان گڏ ڀاءُ، ڀائيٽئي ۽ ٻن شاگردن کي پڻ اغوا ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان جي گاڏي تيغو جي علائقي مان ملي وئي آهي.