دريا خان مري ۾ اي سي پاران ڳوٺاڻن سان کلي ڪچھري ڪوٺائي وئي

news

دريا خان مري: (رپورٽ: دريا خان مري) دريا سومر 19 آگسٽ 2019ع:خان مري اي سي تحشفين عالم پاران مختيارڪار نوشھروفيروز سان گڏ درياخان مري اردو پرائمري اسڪول  ۾ عوامي مسئلا ٻڌڻ لاءِ کلي ڪچھري رکي عوام پاران مسئلن جا ڍير لڳائي ڇڏيـا، کلي ڪچھري ۾ دريا خان مري ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر نوشھروفيروز جي سامھون پنھنجا مسئلا رکي ڇڏيا. 

درياخان مري واسين احـمد خان خاصخيلي، غلام سرور مري، غلام عباس مري ۽ غلام حيدر خاصخيلي سميت ڪيترن ئـي ماڻھن پنھنجا پنھنجا مسئلا ٻڌايا. اي سي نوشھروفيروز عوام کي مسئلا حل ڪرڻ جي يقين ڌياني ڏياري.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مختيارڪار ۽ اسان کي ھتان جي ماڻھن جون ڪافي شڪايتون درج ٿيون، ان ڪـري اسان درياخان مري ۾ کلي ڪچھري رکرائي کلر ڪچھري راکرائڻ جو مقصد اھو هو ته ماڻھن جا مسئلا حل ڪيون ۽ ٻيو ته ھتان جي عوام کي آگاھ ڪيون، اوھان جون جيڪي به شڪايتون آھن ته آفيس اچي پنھنجا مسئلا ٻڌايو، جيڪي اوھان جا جائز مسئلا ھوندا، اھي حل ڪيا ويندا.

ھن وڌيڪ چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته ماڻھن جا اڄوڪا درج ڪيل مسئلا ٻن ھفتن جي اندر حل ڪيا ويندا. جڏھن ته صحافين ۽ سماجي اڳواڻن پاران انڪروچمينٽ جي باري ۾ شڪايت ڪئي ته ان لاء اسسٽنٽ ڪمشنر نوشھروفيروز چيو ته انڪروچينٽ خلاف ڪارروائي ڪري تمام جلد ھڪ ھفتي جي اندر روڊن تي لڳل غيرقانوني بريڪر ۽ سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا.

جڏھن ته کلي ڪچھري ۾ ٽائون ڪميٽي چيئرمين رضوان احمد راجپوت، اڳوڻو چيئرمين اصغر راجپوت ۽ وائيس چيئرمين طاھر الدين راجپوت، اڳوڻو وائيس چيئرمين عبدالرزاق خاصخيلي، پ پ اڳواڻ غلام مصطفيٰ خاصخيلي، مير محمد مگسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.01