پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: ڊي جي ايم او

news

اسلام آباد: سومر 19 آگسٽ 2019ع: پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري آهي، ڊي جيا يم او ميجر جنرل نعمان ذڪريا قومي اسيمبلي جي قومي سلامتي بابت خاص ڪميٽي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته بارڊرز تي فوج جا واڌو دستا مقرر آهن.

اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي صدارتي هيٺ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو خاص اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، ڊي جيا يم او ۽ پرڏيهي وزير ڪميٽي کي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

پاڪ فوج جي بارڊرز تي مقرري تي ڊي جي ايم او ميجر جنرل نعمان ذڪريا بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستاني فوج ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، بارڊر تي فوج جا واڌو دستا مقرر آهن.

اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود محمود قريشي، ڊي جي ملٽري آپريشنز ميجر جنرل نعمان ذڪريا، صدر آزاد ڪشمير، گورنر گلگت بلتستان، گهرو وزير، دفاعي وزير، انساني حقن بابت وزير شرڪت ڪئي.