ڄام نواز علي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه نوجوان قتل

news

ڄام نواز علي: سومر 19 آگسٽ 2019ع:ڄام نواز علي ويجهو پراڻي  تڪرار تان  هٿيار بندن جو حملو  فائرنگ 2  نوجوان  مارجي ويا، جوابدار فرار.

رپورٽ موجب ڄام نوازعلي ويجهو  جهول ٿاڻي جي حد  بزرگ ملوڪ شاهه وٽ ڄام نوازعلي جي ڳوٺ ڳوٺ ڌڻي بخش چانڊيو جا رهواسي ٻه سئوٽ جهول ٿاڻي جي حد درگاهه ملوڪ شاهه وٽ رند برادري جي هٿياربندن پاران جهول کان واپسي ايندي 30 ورهين جي نوجوان خادم چانڊيو ۽ سندس سئوٽ 25 ورهين جي نوجوان دوست علي چانڊيو کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿي ويا.

اهڙي اطلاع تي جهول پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايا، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا. پوليس موجب رند ۽ چانڊيا برادري ۾ هڪ سال کان سڱاوتي تڪرار تان واقعو پيش آيو.

چانڊيا برادري جي نوجوان امير علي چانڊيو پاران رند برادري جي  ناري سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان رندن ۽ چانڊين ۾ تڪرار هلندڙ هو، جنهن ڪري فائرنگ ڪري قتل ڪيا آهن، اسان ان ماملي ۾ وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ڪيس داخل ڪري جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

هوڏانهن خبر فائل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. جڏهن ته مارجي ويلن جا مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام  مچي ويو.01