امڪاني ٻوڏ واري صورتحال دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پهريون رابطو

news

لاهور: (اڱارو 20  آگسٽ 2019ع) پاڪستاني ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پهريون رابطو ٿيو آهي.

ذريعن موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي انڊس واٽر ڪمشنرز جي وچ ۾ پاڻي جي ڄاڻ شيئر ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿيون جنهن کان پوءِ ڀارت پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر کي پاڻي بابت ڄاڻ فراهم ڪري ڇڏي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته گھزريل شام 7 بجي ملندڙ ڊيٽا موجب ڀارت سترلج درياءَ تي هينئر تائين 24 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو آهي.

ڀارت جي بريڪي بيراج ۽ فيروز پور براج تي پاڻي جو وهڪرو ڏيڍ لک ڪيوسڪ آهي. ذريعن چيو آهي ته ڀارت، پاڪستاني دريائن ۾ پاڻي ڇڏڻ کانا ڳ سنڌ طاس معاهدي تحت آگاهه ڪرڻ جو پابند آهي.

ياد رهي ته ڀارت گذريل ڏينهن وڏي ٻوڏ وهڪري جو رخ پاڪستان طرف موڙيو هو جنهن سبب پاڪستاني دريائن ۾ وڏي پيماني تي ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.