وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٻيهر رابطو

news

اسلام آباد: (اڱارو 20  آگسٽ 2019ع) وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گذريل رات پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو هو ته وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ وچ ۾ 16 آگسٽ ۽ سومر جي رات 10 بجي ٽيليفون تي رابطو ٿيو.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم آمريڪي صدر کي آگاهه ڪيو ته ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي جو مقصد عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقي جي خصوصي حيثيت ۽ اتي مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ڳالهين دوران عمران خان ڊونلڊ ٽرمپ کي چيو ته والاريل وادي ۾ ڪرفيو جلد هٽايو وڃي ۽ هن بحران جو حل ڪڍيو وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته صدر ٽرمپ عالمي تنظيمن سان گڏ ڀارتي حڪومت جي واعدن جي پاسداري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

ٻئي طرف گذريل ڏينهن ٽرمپ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي به فون ڪيو هو جنهن ۾ هن مودي سان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي زور ڏنو هو.