ڀارتي ناانصافين ۽ ڪشمير تي ظلم جو ڪيس هر فورم تي پيش ڪنداسين: فردوس عاشق

news

اسلام آباد: (اڱارو 20  آگسٽ 2019ع) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي ناانصافين ۽ ڪشميرين تي ظلم جو ڪيس هر فورم تي پيش ڪندا رهنداسين.

پنهنجي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ صدر ٽرمپ جو ٽياڪڙي وارو ڪردار بهترين آهي.

وزيراعظم عمران خان جهڙي طرح دنيا ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو، قوم کي سندس مٿان فخر آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڀارتي قدمن ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهي آهي.

سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڀارت جي ان دعويٰ کان انڪار ڪيو ويو آهي ته ڪشمير ان جو اندروني معاملو آهي. ڀارت هڪ طرفي قدمن سان نه ته حقيقتون تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي دنيا جي اکين ۾ مٽي وجهي سگهي ٿو.

هن چيو ته ڀارتي ناانصافين ۽ ڪشميرين تي ظلم جو ڪيس هر فورم تي پيش ڪندا رهنداسين، هر فورم تي ڀارت کي ان جي ظلم ۽ بربريت جو آئينو ڏيکارينداسين.

فردوس عاشق وڌيڪ چيو ته حق خود اراديت جي جدوجهد ۾ پاڪستان ڪشمير سان گڏ بيٺل آهي. آزادي جي صبح تائين ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رهندي.