وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع

news

اسلام آباد: (اڱارو 20  آگسٽ 2019ع) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۽ پاڪ ڀارت سرحدن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. جڏهن ته ڪشمير جي صورتحال بابت خصوصي ڪميٽي جون تجويزون به ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪابينا کي ڪشمير بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏيندو. گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته  اجلاس ۾ ڪابينا جا ميمبر عوامي مفادن بابت تجويزون پيش ڪندا. ان کان علاوه هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ تي به بحث ڪيو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا گذريل اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) ۽ ڪابينا ڪميٽي نجڪاري جي فيصلن جي توثيق ڪندي. اجلاس ۾ گهٽ قيمت تي گهرن جي منصوبن جي لاءِ 5 بلين روپين جي قرض جي منظوري ۽ پاڪ ترڪ اسٽريٽجڪ اڪانومڪ فريم ورڪ جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ گهريلو تشدد کان تحفظ ۽ روڪٿام جي بل جي به منظوري ڏني ويندي. ان کان علاوه ڪابينا ڪرسچن ميرج ۽ ڊائيورس بل 2019 جي به منظوري ڏيندي. اجلاس ۾ اينٽي ڊمپنگ ايپليٽ ٽربيونل جي چيئرمين ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري جي به منظوري ڏني ويندي.