پي سي بي طرفان سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن جي فٽنيس ٽيسٽ شروع

news

لاهور: (اڱارو 20  آگسٽ 2019ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) طرفان سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل 11 ڪرڪيٽرن سميت 18 رانديگرن جي فٽنيس ٽيسٽ شروع ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب 2 ڏينهن جي فٽنيس ٽيسٽ کان پوءِ رانديگر 22 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين ڪنڊيشننگ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندا جنهن جي ذميواري قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق کي ڏني وئي آهي. ڪرڪيٽرز جي فٽنس ٽيسٽ کان اڳ ليڪچر ڏنو ويو.

قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي شادي هجڻ سبب ٽريننگ ڪيمپ 26 آگسٽ تي جوائن ڪندو. ان کان علاوه شاداب خان به حسن علي جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ڏينهن جي موڪل تي آهي. جڏهن ته اظهر علي انگلش ڪائونٽي سمرسيٽ سان معاهدو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 24 آگسٽ تي ڪيمپ جوائن ڪندو.

پي سي بي طرفان بابر اعظم، فخرزمان، عماد وسيم، محمد عباس ۽ محمد عامر کي ڪائونٽي سيزن سبب ڪيمپ ۾ شرڪت کان ڇوٽ ڏني وئي آهي.

سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل عابد علي، اسد شفيق، اظهر علي، حارث سهيل، حسن علي، امام الحق ۽ محمد رضوان کي گهرايو ويو آهي.

ڪپتان سرفراز احمد، شاهين شاهه آفريدي، شان مسعود، عثمان شنواري، وهاب رياض ۽ ياسر شاهه کي به ڪيمپ ۾ گهرايو ويو آهي.