والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو کي سورنهن ڏينهن گذري ويا، ڀارت خلاف احتجاج جاري

news

سرينگر: (اڱارو 20  آگسٽ 2019ع)  والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ کان لڳايل ڪرفيو کي 16 ڏينهن گذري ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪرفيو سبب والاريل وادي ۾ انٽرنيٽ، فون ۽ ٽي وي نشريات بدستور بند آهن جڏهن ته حريت اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ به گھرن يا جيلن ۾ بند آهن.

ڪرفيو ۽ ٻين پابندين سبب وادي ۾ دوائن ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي سخت کوٽ آهي. ڪرفيو باوجود سرينگر سوڌو والاريل وادي ۾ ڪشميرين جو ڀارت مخالف احتجاج جاري آهن جنهن تي قابض ڀارتي فوج پيلٽ گن جو استعمال ڪيو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ به ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مظاهرو ڪندڙ زخمي ٿي پيا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب والاريل وادي جي مخصوص علائقن ۾ اسڪول کلڻ باوجود خالي رهيا ۽ وادي جي موجودهه صورتحال تي والدين ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.