پيسڪو جو انوکو ڪارنامو: بجلي جي بل ۾ ريڊنگ جي جڳهه ڪُتي جي تصوير لڳائي ڇڏي

news

پشاور: (اڱارو 20  آگسٽ 2019ع) پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني(پيسڪو)  نوشهره جي رهواسي جي بل تي ريڊنگ  بجاءِ ڪتي جي تصوير لڳائي موڪلي ڇڏيو.

ميڊيا موجب ريڊنگ جي جڳهه ڪتي جي تصوير نوشهره جي رهواسي کي پريشان ڪري ڇڏيو.

ٻئي طرف سوئي نادرن گيس به پيسڪو جي نقش قدم تي هلندي ريڊنگ جي جڳهه ڀت جي تصوير لڳائي ڇڏي آهي جنهن جو بل پشاور جي هڪ شهري کي مليو آهي.

ترجمان پيسڪو شوڪت افضل موجب بل ۾ نشاندهي گهر جي ٻاهر ڪتي جي نشاندهي تي ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته ڪتي جي ڪري ميٽر ريڊر ريڊنگ نه وٺي سگهيو، جنهن ڪري هن تصوير رولز موجب لڳائي آهي.