مبارڪپور ويجهو ڪيهر ۽ ڪٽا برادري ۾ جهيڙو، عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي

news

مبارڪپور: اڱارو 20 آگسٽ 2019ع:مبارڪپور ويجهو ڪيهر ۽ ڪٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻيءَ جي واري تان جهيڙو، هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي،زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي سول اسپتال جيڪب آباد موڪليو ويو، مبارڪپور ٿاڻي تي اين سي داخل.

تفصيل موجب مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل حسن خان کوسو ۾ پاڻي جي واري تان ڪيهر ۽ ڪٽا برداري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جھيڙي ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزاداڻا استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪٽا برداري جي محمد خان، علي گوهر ڪٽو ۽ هڪ عورت مرادان زخمي ٿي پئي، جنهن کي مبارڪپور ٿاڻي تي آندو ويو.

زخمين کي علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر ڏيئي سول اسپتال جيڪب آباد موڪليو ويو. جڏهن ته ڪٽا برداري جي فرياد تي جعفر ڪيھر ۽ انور ڪيهر تي اين سي داخل ڪئي وئي. آخري اطلائن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.01